پير سيد محمد شاهه، ذاڪري جي مزار جو ڏيک

پير سيد محمد شاهه، ذاڪري جي مزار جو ڏيک

ذاڪري سيد محمد شاهه

ذاڪري، سيد محمد شاهه: مشهور عالم، صوفي ۽ اهل طريقت بزرگ سيد محمد شاهه، ذاڪري، جيلاني خاندان مان هو، سندس وڏا اصل ڪشمير جا رهاڪو هئا. انگريزن جي دؤر ۾ سندس والد محمد شير شاهه پنهنجي مرشد خواجه نظام الدين ڪيان شريف آزاد ڪشمير واري جي حڪم سان ديني تعليم ۽ ذڪر اذڪار لاءِ سنڌ ۾ لاڙ طرف آيو. لاڙ ۾ تلهار ويجھو سندس درگاهه ۽ مزار موجود آهي. والد جي وصال کانپوءِ سيد محمد شاهه نواب شاهه ضلعي ۾ مختلف هنڌن تي رهي، آخر ۾ سڪرنڊ شهر کان اتر طرف ميل کن پنڌ تي قومي شاهراهه لڳ خانقاهه ۽ مسجد جو بنياد رکي فيض عام ڪيو. پاڻ قادري سلسلي سان واسطو رکندڙ هو. ان ڪري درگاهه تي هميشه افضل ذڪر لا الٰھ الا الله جي تنوار جاري هوندي هئي. تنهنڪري ذڪر ڪندڙ يا ’ذاڪري‘ مشهور ٿيو.
پير صاحب جا سائين جي. ايم. سيد ۽ محرابپور واري بزرگ سيد حسن بخش شاهه سان ويجها تعلقات هئا. سندس خط و ڪتابت سائين جي. ايم. سيد جي ڪتابن ۾ موجود آهي. وڏو مصلح ۽ سماج سڌارڪ هو. سندس تعليم ۽ فيض جي اثر سبب ڪيترا چور، ڏاڍا مڙس ۽ ڏوهن ۾ ڦاٿل ماڻهو سندس صحبت ۾ رهي شريعت جا پابند بڻيا ۽ ڪيترا فقير ٿيا. پير صاحب جيئري ئي پنهنجي قبر جوڙائي هئي ۽ پوءِ مٿس روضو تعمير ٿيو. ان ڪري ’روضي ڌڻيءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.
سندس وفات 29 جمادي الاول 1355هه/ 18 آگسٽ 1936ع تي ٿي. سندس وصال کانپوءِ سندس فرزند احمد شاهه '>سيد احمد شاهه (’سهڻي سائين‘) درگاهه ۽ سلسلي کي وڌايو. سندس مريديءَ جو سلسلو چئني صوبن تائين وسيع رهيو آهي. ’سهڻي سائينءَ‘ جا فرزند منير احمد شاهه ۽ محمد حنيف شاهه به قديم ۽ جديد علم جي زيور سان سينگاريل آهن ۽ هن وقت سيد منير احمد شاهه درگاهه ذاڪري سڪرنڊ جو سجاده نشين آهي، جڏهن ته سيد حنيف شاهه تلهار واري درگاهه کي سنڀالي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو